صالح بن ڀلو بهلة هندي بغدادي

صالح بن ڀلو (بهلة) هندي، بغدادي: وزير جمال الدين قفطي ‘اخبار العلماء باخبار الحڪام’ ۾ تحرير ڪيو آهي ته صالح ڀن ڀلو هندي، حاذق طبيب هو. هارون رشيد جي دور ۾ ان جو تذڪرو ملي ٿو. اهو هند جي طريقي جي علاج جو ماهر ۽ مرض سڃاڻڻ ۾ پنهنجي اڳين طبيبن کان ڪيترو ئي بهتر هو. هي اصل ۾ سنڌي هو، جيڪو خليفي هارون رشيد جي درٻار ۾ شاهي حڪيم بڻيو. هن بادشاهه جو سؤٽ، جنهن کي لاعلاج قرار ڏنو ويو هو ۽ ڄڻ ته مري چڪو هو، ان کي ڪفن به پهرايو ويو هو، تنهن کي چاڪ چڱو ڀلو ڪري خليفي کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. (رجال السند والهند، سنڌي، ص 334-337) نياز همايوني، صالح لاءِ لکي ٿو ته، هي طبيب ۽ طبابت ۾ حذاقت جو مالڪ هو. ابن نديم جي بيان موجب بغداد ۾ سندس شفائي علاج جي هر هنڌ هاڪ هئي. يحيٰ بن خالد برمڪي سنڌ مان عالمن جي جيڪا جماعت بغداد گهرائي هئي، ان جو به هڪ رڪن هو... ڀلو پهريائين بغداد جي دارالترجمي ۾ هندي ڪتابن جي ترجمي لاءِ مقرر ٿيو. پوءِ سندس ڄاڻ ۽ علم جي شهرت ٿي. آخر ۾ عرب دنيا ۾ مستقل رهي پيو. ماڻڪ وانگر هي به سنڌي زبان کان سواءِ، عربي ۽ فارسي ٻولين جو ماهر هو. (سنڌ جي طبي تاريخ، جلد پهريون، ص 366)


هن صفحي کي شيئر ڪريو